شهاب الدين ملتانيءَ جو مقبرو

شهاب الدين ملتانيءَ جو مقبرو

شهاب الدين ملتانيءَ جو مقبرو

شهاب الدين ملتانيءَ جو مقبرو: هن بزرگ جو مقبرو چاڪر بنگلي جي ڀرسان، تعلقي بدين ۾ آهي. هڪ گنبذ وارو، جنهن جو گنبذ گول آهي. گنبذ جي ڳچ تي هوا لاءِ جارا ڇڏيل آهن. اندر وڃڻ لاءِ نوڪدار ونگ سان دروازو ڏنل آهي. ڪنڊن تي ننڍڙا برج ٺهيل آهن. برجن تي ڪاشيءَ جون نيلون ڏنل آهن. درگاهه تي هڪ ڏاڪڻ وسيلي هڪ سهڻي الڳ ٺهيل دروازي مان لنگهي پهچي سگهجي ٿو. انهي دروازي يا لنگهه کي گول ونگ ڏنل آهي ۽ چوڌاري ناسي رنگ جي سهڻي ڪاشي ڏنل آهي. وچ تي وڏو چڙو ٻڌل آهي. مقبري جي گنبذ جي چوٽيءَ تي ڪاشيءَ جي نيل ڏنل آهي. هن بزرگ بابت معلومات ڪانه ٿي ملي. پر محمد سومار شيخ پنهنجي ڪتاب ‘لطيف سائينءَ جا لاڙ تان ڀيرا’ ۾ لکيو آهي ته، “شاهه ڀٽائي جن جڳهين تان ڦيرا ڪيا، انهن مان شهاب الدين ملتانيءَ جو مقبرو ۽ قبرستان به هڪ آهي. انهيءَ ۾ اميد علي ڪوڪيءَ جون ٻه شهيد نياڻيون، مشهور بزرگ جرڪس ڌناڻيءَ جو والد ڏنون درس، شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ واري جو والد سيد لعل محمد للاڻي به آرامي آهن. انهن بزرگن جي زيارت لاءِ شاهه عبداللطيف هن قبرستان ۾ ايندو هو.”


لفظ شهاب الدين ملتانيءَ جو مقبروھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو